ڪي ايم سي جي ملڪيتن ۽ وسيلن جي جائزي سميت آمدني جا ذريعا وڌائڻ لاءِ ڪاميٽي قائم

ڪراچي: وڏي وزير جي هدايتن تي ڪي ايم سي جي ملڪيتن ۽ وسيلن جي جائزي سميت آمدني جا ذريعا وڌائڻ لاءِ 8 رڪني اعليٰ سطحي ڪاميٽي قائم ڪئي وئي آهي، صوبائي وزير ناصر شاھ جي سربراهي ۾ جوڙيل ڪاميٽي ۾ مڪاني ادارن واري کاتي جو سيڪريٽري، ڪي ايم سي جو ايڊمنسٽريٽر، ڊي جي پبلڪ پرائيوٽ پارٽنر شِپ، ڪي ايم سي جو ميونسپل ڪمشنر، ناڻي کاتي جو هڪ نمائندي سميت 8 ميمبر شامل آهن، ڪي ايم سي وٽ موجود اثاثن مان آمدني ڪيئن وڌائي سگھجي؟ ڪاميٽي پاران تجويزون تيار ڪيون وينديون، ڪي ايم سي وٽ موجود اثاثن مان ڪيتري آمدني ٿئي ٿي ۽ ڪيئن استعمال ڪئي وڃي ٿي؟ ڪاميٽي مالي ۽ انتظامي معاملن جو جائزو وٺي رپورٽ تيار ڪندي، ڪي ايم سي ۾ مالي بحران وارين شڪايتن بعد سنڌ حڪومت پاران آمدني وڌائڻ لاءِ اعليٰ سطحي ڪاميٽي ٺاهي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔