مارچ ۾ لانگ مارچ ضرور ٿيندو، آبپاره ۽ ڊي چوڪ تي حساب وٺنداسين: بلاول ڀٽو زرداري

حيدرآباد: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته وزيراعظم چوي ٿو ته سنڌ اسان جو صوبو ناهي، باقي کيس سنڌ جا ٻيٽ، گئس، ٽيڪس ۽ ٻيا وسيلا گهرجن، ڪو به وزيراعظم اهڙي قسم جي ٻولي نٿو ڳالهائي سگهي، مارچ ۾ لانگ مارچ ضرور ٿيندو، آبپاره ۽ ڊي چوڪ تي حساب وٺنداسين، حيدرآباد ۾ پي ڊي ايم جي جلسي کي خطاب ڪندي پ پ چيئرمين جو چوڻ هو ته پاڪستان جو عوام هنن حڪمرانن مان بيزار ٿي چڪو آهي،وزيراعظم سنڌ جي حقن تي ڌاڙو هڻڻ چاهي ٿو، اين ايف سي ايوارڊ تحت سنڌ کي پنهنجا حق نه پيا ڏنا وڃن، اسان اسلام آباد پهچي پنهنجا حق ڇني وٺنداسين، بلاول ڀٽو زرداري چيو ته عمران خان نئين پاڪستان جو نعرو هنيو هو، پر هي پاڪستان ته مهانگو پاڪستان آهي، اسان کي مهانگائي قبول ناهي، حيدرآباد وارن جلسي ۾ شرڪت ڪري حڪمرانن جون ننڊون حرام ڪري ڇڏيون آهن…

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔