وفاقي سرڪار ملازمن جي 40 سيڪڙو پگهار وڌائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد: وفاقي سرڪار سرڪاري ملازمن جي 40 سيڪڙو پگهار وڌائڻ جي اصولي منظوري ڏئي ڇڏي، وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ملڪي،سياسي ۽ معاشي صورتحال تي غور ڪيو ويو، ان موقعي تي ڪورونا وبا ۽ ويڪسينيشن بابت وزيراعظم کي بريفنگ پڻ ڏني وئي، وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪورونا ويڪسين بنا فرق جي لڳائي وڃي، اجلاس جي اندرين ڪهاڻي به سامهون اچي وئي آهي، ذريعن جو چوڻ آهي وفاقي ڪابينا سرڪاري ملازمن جي پگهار وڌائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، گريڊ هڪ کان 16 تائين 3 لک 70 هزار ملازمن جي پگهار ۾ واڌ ٿيندي، صوبائي ادارن جي ملازمن جي پگهار وڌائڻ جا معاملا صوبا پاڻ ئي ڏسندا….

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔