سينيٽ چونڊون 2018: ڪي پي ميمبر طرفان مبينا هارس ٽريڊنگ واري وڊيو منظر عام تي اچي وئي

پشاور: 2018ع جي سينيٽ چونڊن دوران ڪي پي ڪي جي اسيمبلي جي ميمبر طرفان مبينا هارس ٽريڊنگ واري وڊيو منظر عام تي اچي وئي، وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته ڪي پي اسيمبلي جي ميمبر اڳيان نوٽن جا انبار لڳايا ويا آهن، 2018ع جي چونڊن دوران پي ٽي آءِ ميمبر کي گهرائي نوٽن جا انبار لڳائي خريد ڪيو ويو، وڊيو ۾ موجوده قانون وارو وزير سلطان محمد خان به موجود آهي، وڊيو ۾ ايم پي ا عبيد مايا به پنهنجو حصو وٺندي نظر اچي ٿو، پ پ جو اڳوڻو ايم پي اي محمد علي باچا رقم پي ٽي آءِ ميمبر کي ڏئي رهيو آهي، ٻئي پاسي وڊيو سامهون اچڻ بعد وزيراعظم عمران خان ڪي پي جي قانون واري وزير سلطان محمد خان کان استيعفيٰ وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي، وزيراعظم ڪي پي جي وڏي وزير محمود خان کي حڪم جاري ڪري ڇڏيا…

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔