وزيراعظم پاران ايم اين ايز کي فنڊ جاري ڪرڻ واري معاملي تي سپريم ڪورٽ پاران بينچ قائم

اسلام آباد: وزيراعظم پاران ايم اين ايز کي فنڊ جاري ڪرڻ واري معاملي تي جسٽس قاضي فائز جي نوٽيس تي سپريم ڪورٽ بينچ قائم ڪري ڇڏي آهي.سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس گلزار احمد ايم اين ايز فنڊز بابت ٻڌڻي لاءِ بينچ جوڙي ورتي.سپريم ڪورٽ جي بينچ سڀاڻي هڪ وڳي نوٽيس تي ٻڌڻي ڪندي.پنج رڪني لارجر بينچ جي سربراهي چيف جسٽس پاڻ ڪندو.واضح رهي ته جسٽس قاضي فائز عيسيٰ وزير اعظم پاران ايم اين ايز کي فنڊز فراهم ڪرڻ لاءِ پرنٽ ميڊيا ۾ شايع ٿيل خبر تي نوٽيس ورتو هو.جنهن ۾ قومي اسيمبلي جي ميمبرن کي ڪروڙين رپيا ترقياتي فنڊز جاري ڪرڻ بابت لکيو ويو هو.ايم اين ايز کي ڳري رقم سينيٽ جي چونڊن کان اڳ ڏيڻ تي عدالت نوٽيس ورتو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔