لاپتا ماڻهن جَي وارثن جو جي آءِ ٽيز ۽ پوليس جِي ڪارڪردگي تان اعتماد کڄڻ لڳو آهي: سنڌ هاءِ ڪورٽ

ڪراچي : لاپتا ماڻهن جَي وارثن جو جي آءِ ٽيز ۽ پوليس جِي ڪارڪردگي تان اعتماد کڄڻ لڳو آهي، ماڻهو سمجهن ٿا عدالتون رڳو تقريرون ڪنديون آهن،گُم ٿيل ماڻهن جي معاملي تي پوليس جاچ ئي نٿي ڪري، پوليس جي ڪارڪردگي سبب لاپتا ماڻهن جا وارث پريشان آهن،  سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ گُم ٿيل ماڻهن جي ڪيس تي ٻڌڻي دوران جسٽس نعمت الله جا ريمارڪس، عدالت چيو آهي ته جي آءِ ٽيز جا سربراهه عدالت ۾ پيش نه ٿيا ته سندن پگهارون بند ڪيون وينديون، ٻڌڻي دوران جاچ آفيسر چيو ته حراستي مرڪزن بابت رپورٽس لاءِ لاڳاپيل ادارن کي خط لکيا، پر ڪوبه جواب نه آيو آهي، عدالت وفاقي گهرو سيڪريٽري کان گُم ٿيل ماڻهن بابت رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔