سينيٽ اليڪشن بابت بابت صدارتي آرڊيننس سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج

اسلام آباد: سينيٽ اليڪشن بابت بابت صدارتي آرڊيننس کي سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو ويو ، جي يو آءِ پاڪستان آرڊيننس خلاف سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي، درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته عدالت ۾ ٻڌڻي هيٺ ڪيس تي آرڊيننس جاري ٿيڻ آئين ۽ قانون کي گهٽ ڏيکارڻ برابر آهي، صدر طرفان آرڊيننس جاري ڪرڻ مان ظاهر ٿيو ته سندس قانوني پوزيشن تڪراري آهي، ڪيس تي ڪارروائي جاري رهڻ باوجود آرڊيننس جاري ڪرڻ آئين سان مذاق آهي، جيڪو ڪم پارليامينٽ نه ڪيو هجي، اُن جو اختيار صدر کي نٿو ڏئي سگهجي، درخواست ۾ آرڊيننس بدنيتي تي ٻڌل قرار ڏئي معطل ڪرڻ جي استدعا ڪئي وئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔