محمد زبير جي گهر ڀاتين کي ويڪسين لڳائڻ تي ڊپٽي ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر کي عهدي تان هٽايو ويو

ڪراچي: ڪورونا ويڪسينيشن ۾ به سياسي اڳواڻن جي خاندان سڀني کي مات ڏئي ڇڏي. (ن) ليگ اڳواڻ محمد زبير جي گهر ڀاتين کي ويڪسين لڳائڻ تي ڊپٽي ڊسٽرڪٽ  هيلٿ آفيسر ڊاڪٽر انيلا قريشي کي عهدي تان هٽايو ويو.

اين سي او سي جي سربراهه اسد عمر معاملي جو نوٽيس وٺي ڇڏيو. جڏهن ته سنڌ جي اڳوڻي گورنر محمد زبير معاملي کان لاتعلقي جو اظهار ڪري ڇڏيو. سياسي خاندان کي ويڪسينيشن تي سنڌ حڪومت جاڳي وئي. ڪورونا ويڪسين غير لاڳاپيل ماڻهن کي لڳائڻ تي سنڌ جي صحت واري صوبائي وزير ڊپٽي ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر ڊاڪٽر انيلا قريشي کي عهدي تان هٽائيندي ڪوآرڊينيٽر اي او سي کي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

مذڪوره معاملي تي وفاقي نمائندن به تنقيد ڪئي. ان حوالي سان اين سي او سي جي سربراهه اسد عمر معاملي جو نوٽيس وٺي ڇڏيو آهي. جڏهن ته شهباز گل واقعي کي شرمناڪ قرار ڏنو ۽ سنڌ جي وڏي وزير کان سوال ڪيو ته فرنٽ لائن هيلٿ ورڪرز  کان پهرين ڇا ويڪسين سياسي خاندانن کي لڳائي پئي وڃي؟ جنهن جي جواب ۾ مراد علي شاهه چيو ته اسان ڪنهن جي آڏو جوابده ناهيون. 

ان حوالي سان اڳوڻي گورنر ۽ مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ محمد زبير چيو ته ڌيءَ ۽ ناٺي کي ويڪسين ٿيڻ جي خبر ناهي. سڀ پنهنجي فيصلن ۾ آزاد هوندا آهن. منهنجو پٽ ان ۾ شامل نه هو، پنج سال گورنر رهيس ڪوبه آڱر نٿو کڻي سگهي. منهنجي عمر ويڪسينيشڻ لڳرائڻ جي آهي. جيڪڏهن وٺڻي هجي ها ته پنهنجي لاءِ وٺان ها.

ٻئي طرف سنڌ جي صحت کاتي ٽي رڪني ويڪسين آڊٽ ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي آهي. ڪميٽي جا ميمبر هفتيوار رپورٽ سنڌ جي صحت واري وزير کي پيش ڪندا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔