ڪورونا جا هڪ هزار کان وڌيڪ نوان ڪيس ظاهر، اوڻهٺ مريض حياتيون وڃائي ويٺا

اسلام آباد: ملڪ ۾ هڪ ڏينهن دوران 1 هزار 37 نوان ڪيس سامهون اچي ويا آهن. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر موجب گذريل 24 ڪلاڪن ۾ وڌيڪ 58 مريض ڪورونا وائرس سبب فوت ٿي ويا. جڏهن ته 1 هزار 37 نوان ڪيس سامهون اچي ويا آهن.

ڪورونا سبب سڀني کان وڌيڪ سنڌ ۾ 32 ۽ پنجاب ۾ 20 فوتگيون ٿيون آهن ڪي پي ۾ 5 ۽ اسلام آباد ۾ 2 مريض ڪورونا وگهي فوت ٿي ويا.

ڪورونا سبب گڏيل فوتين جو انگ 12 هزار 26 ٿي ويو آهي. جڏهن ته ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي ڪيسن جو انگ 5 لک 55 هزار 511 ٿي ويو آهي.

گذريل 24 ڪلاڪن دوران 32 هزار 149 ٽيسٽ ڪيا ويا. ملڪ ۾ ڪورونا جي فعال ڪيسن جو انگ 31 هزار 903 ٿي ويو آهي ۽ هن مرض کي  شڪست ڏيندڙن جو انگ 5 لک 11 هزار 502 ٿي ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔