ڪراچي سينٽرل جيل ۾ ٽن ڏينهن تائين سي سي ٽي وي ريڪارڊ محفوظ هئڻ جو انڪشاف

ڪراچي: سينٽرل جيل جي سي سي ٽي وي ڪئميرائن جو رڪارڊ صرف ٽن ڏينهن تائين محفوظ هئڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ لاپتا ماڻهن واري ڪيس ۾ سينٽرل جيل انتظاميا آگاهي ڏيندي چيو ته جيل ۾ رڳو ٽن ڏينهن تائين سي سي ٽي وي ڪئميرائن جي ڊيٽا محفوظ رکڻ جي صلاحيت آهي.سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو تي ٻڌل بئنچ لاپتا ماڻهن واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران سينٽرل جيل انتظاميا پاران جاچ آفيسر پيش ٿي عدالت کي آگاهي ڏني.هارون شيخ ايڊووڪيٽ عدالت ۾ موقف اختيار ڪيو ته لاپتا شهري امين سينٽرل جيل مان گم ٿيو آهي، جنهن تي جاچ آفيسر وراڻيو ته امين کي جيل مان آزاد ڪيو ويو، جنهن بعد گم ٿيو آهي.جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو چيو ته جيل جي ڪئميرائن کي چيڪ ڪيو وڃي ته شهري امين ڪڏهن آزاد ٿيو، جنهن تي جاچ آفيسر جواب ڏنو ته امين جي آزادي جو سينٽرل جيل ۾ رڪارڊ موجود ناهي.جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو پڇاڻو ڪيو ته جيل ۾ شهري جي آزادي جو مينوئل رڪارڊ ته موجود هوندو؟ جنهن تي جاچ آفيسر انڪشاف ڪيو ته جيل انتظاميا وٽ رڳو ٽن ڏينهن تائين سي سي ٽي وي ڪئميرائن جي ڊيٽا محفوظ رکڻ جي صلاحيت آهي.عدالت پاران لاپتا شهري امين جي گمشدگي جي معاملي تي جيل سپرنٽينڊنٽ جو بيان رڪارڊ ڪرڻ ۽ جيل اندر لڳل ڪئميرائن جي رڪارڊ جو جائزو وٺڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔