ادارن مان ڪرپشن جي خاتمي لاءِ اپاءَ وٺو: فردوس شميم جو مراد علي شاهه کي خط

ڪراچي: پي ٽي آءِ سنڌ جي اڳواڻ فردوس شميم نقوي وڏي وزير مراد علي شاهه کي خط لکي ڪرپشن جي خاتمي لاءِ اپاءَ وٺڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، خط جي متن ۾ چيو ويو آهي ته سڀني کاتن ۾ ڪرپشن جي خاتمي لاءِ منصوبابندي ۽ گڊ گورننس جي ضرورت آهي.سنڌ اسيمبليءَ ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي سينيئر ميمبر فردوس شميم نقوي وڏي وزير مراد علي شاهه کي خط لکي سمورن کاتن ۾ ڪرپشن ختم ڪرڻ لاءِ اپاءَ وٺڻ جي گهر ڪئي آهي.فردوس شميم نقوي پنهنجي خط ۾ چيو آهي ته کاتن ۾ ڪرپشن جي خاتمي لاءِ موثر منصوبابندي ۽ گڊ گورننس جي ضرورت آهي، سٺن سرڪاري ملازمن بنا سرڪاري خدمتن کي بهتر نٿو ڪري سگهجي.فردوس شميم نقوي وڌيڪ چيو ته حڪومت کي ملازمن ۽ بيورو ڪريسي جي سڃاڻپ لاءِ ماهر انتظاميا جي خدمتن جي ضرورت آهي، حڪومت کي جرئت منداڻا قدم کڻڻ ۽ بهتري آڻڻ لاءِ ناليوارن صلاحڪارن کي ضروري فنڊز فراهم ڪرڻ جي گهرجن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔