اپوزيشن جي ماڻهن جي دلچسپي پنهنجا ڪيس ختم ڪرائڻ ۾ آهي: فواد چوڌري

اسلام آباد: وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته اپوزيشن جي ماڻهن جي سموري دلچسپي هي آهي ته انهن جا ڪيس ختم ڪيا وڃن،اپوزيشن جا ڪيس هي اسيمبلي ختم نه ڪندي.سماجي ويب سائيٽ تي ٽوئيٽ ڪندي فواد چوڌري چيو ته وزير اعظم پنجاب ۽ ڪي پي ۾ جنهن مڪاني نظام جي منظوري ڏني اهو گيم چينجر آهي. هن چيو ته چونڊيل چيئرمين ۽ ميئر سمورن مقامي انتظامي معاملن جا ذميوار هوندا، انهن جي سڌي چونڊ ڪري سگهبي.فواد چوڌري چيو ته نئين مڪاني نظام کانپوءِ نون صوبن ٺاهڻ جي ضرورت عملي طور ختم ٿي ويندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔