پي ڊي ايم وارا نڪ جي پڪائي سان عوام جي ڳالهه ڪري رهيا آهن: حليم عادل شيخ

ڪراچي: سنڌ اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر حليم عادل شيخ چيو آهي ته پي ڊي ايم وارا سڀئي حربا ناڪام ٿيڻ باوجود نڪ جي پڪائي سان عوام جي ڳالهه ڪري رهيا آهن، ملڪ ۽ قوم کي لٽيندڙ سياستدان ڪهڙي منهن سان عوام جي ڳالهه ڪن ٿا. ٽوئيٽر تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ حليم عادل شيخ چيو ته پي ڊي ايم “پاپا ڊيڊي مولانا بچايو” تحريڪ آهي، عوام انهن چورن خلاف ووٽ ذريعي بي اعتمادي واري رٿ پيش ڪري چڪو آهي. هن چيو ته احتجاج، ڌرڻا، جلسا ۽ استعيفائون، سڄو ڪوڙ عوام سامهون اچي چڪو آهي، عوام جو رد ڪيل ڪرپٽ ٽولو عوام جي نمائندگي نٿو ڪري سگهي. حليم عادل شيخ وڌيڪ چيو ته وزيراعظم جي قيادت ۾ معيشت درست رخ تي آهي، مهانگائي تي به ضابطو آندو ويو آهي، اڄ معيشت به تيزي سان مستحڪم ٿي رهي آهي پر هي اين آر او ڏياريو ٽولو هر صورت ۾ ملڪ اندر ڏڦيڙ پکيڙڻ چاهي ٿو……….

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔