حڪومت اوپن بيلٽ لاءِ ايتري سنجيده آهي ته سينيٽ چيئرمين جي چونڊ به ڪرائي ها: خورشيد شاهه

سکر: پ پ اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو آهي ته حڪومت مڪمل طور ناڪام ٿي چڪي آهي، حڪومت اوپن بيلٽ لاءِ ايتري سنجيده آهي ته سينيٽ چيئرمين جي چونڊ به اوپن بيلٽ ذريعي ڪرائي ها، اهو بل گڏيل سيشن ۾ آندو وڃي ته حڪومت کي پنهنجي اڪثريت جو پتو پئجي ويندو. سکر جي احتساب عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي خورشيد شاهه چيو ته ملڪ جي پرڏيهي پاليسي ناڪام ٿي چڪي آهي، حڪومت جيڪڏهن او آئي سي جو اجلاس گهرائي ڪشمير جو معاملو اجاڳر ڪن ها ته بهتر هو. هن چيو ته حڪمران اوپن ووٽ لاءِ ايتري سنجيده هئي ته سينيٽ چيئرمين جي اليڪشن به اوپن بيلٽ ذريعي ڪرائن ها، عمران خان اڳ سينيٽ چونڊن جي طريقيڪار تي اسان جي موقف تي بيٺل هو. خورشيد شاهه چيو ته بجلي مهانگي گئس پيٽرول مهانگو ٿي ويو آهي، بجلي جو في يونٽ 30 رپين تائين پهچي ويو آهي، عوام جي چيلهه مهانگائي ڀڃي ڇڏي آهي، پر حڪمرانن کي پرواهه ئي ناهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔