پاڪستان اندر عدليا ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪرپشن آهي، ڪيس نٿا اڪلايا وڃن: عادل گيلاني

ڪراچي: ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل پاڪستان جي سربراهه عادل گيلاني سان فردوس شميم نقوي جي قيادت ۾ پي ٽي آءِ سنڌ اسيمبلي جي وفد ملاقات ڪري ڳالهيون ڪيون، عادل گيلاني چيو آهي ته جڊيشري ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪرپشن آهي، ڪيس نٿا اڪلايا وڃن، جيستائين جوڊيشل سسٽم ۾ سڌارا نه ايندا، تيستائين ڪرپشن جو خاتمو آڻڻ ممڪن ناهي.فردوس شميم نقوي جي قيادت ۾ پي ٽي آءِ سنڌ اسيمبلي جي ميمبرز خرم شير زمان، بلال غفار، ڊاڪٽر عمران شاهه، سدره عمران، راجا اظهر تي ٻڌل وفد ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل پاڪستان جي سربراهه عادل گيلاني سان ملاقات ڪئي.ان موقعي تي گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي فردوس شميم نقوي چيو ته ڪرپشن خلاف جاڳرتا مهم هلائي ويندي ۽ سيمينار ڪوٺايا ويندا.عادل گيلاني چيو ته ٽرانسپرنسي انٽرنيشنل جي رپورٽ سڄي ملڪ جي ناهي، رڳو 8 ادارن تي ٻڌل آھي، عدليا ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪرپشن آھي، ڪيس نه ٿا اڪلايا وڃن .عادل گيلاني وڌيڪ چيو ته رپورٽ ۾ پي ٽي آءِ حڪومت جو هڪ حصو به شامل آھي، گذريل حڪومتن جي دور ۾ به ڪرپشن ٿي آھي، جيستائين جوڊيشل سسٽم ۾ سڌارا نه ايندا، تيستائين ڪرپشن جو خاتمو آڻڻ ممڪن ناهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔