ٻيا راجا رينٽل آهن ته توهان ڪير آهيو، اوهان جو وزيراعظم چور آهي: راجا پرويز اشرف

اسلام آباد: ٻيا راجا رينٽل آهن ته توهان ڪير آهيو، توهان جو وزيراعظم چور آهي، اپوزيشن ميمبرز جي ڳالهائڻ وقت حڪومتي ميمبرز ڪورم جي نشاندهي ڪري فرار ٿي ويندا آهن، نويد قمر احتجاج ڪيو ته کيس گاريون ڏنيون ويون، قومي اسيمبلي جي اجلاس دوران پ پ ايم اين اي راجا پرويز اشرف جي حڪومتي ميمبرز تي ڇتي تنقيد، اڳوڻي وزيراعظم راجا پرويز اشرف چيو آهي ته اپوزيشن کي آئيني ترميم تي ڳالهائڻ جو حق نٿو ڏنو وڃي، ڪارروائي جي رڪارڊنگ مان خبر پئجي ويندي ته ڪهڙي ميمبر ڪنهن تي حملو ڪيو، حڪمران اپوزيشن کي وائکو ڪرڻ بدران پاڻ وائکا ٿي رهيا آهن، حڪومتي وزيرن کي خبر ئي ناهي ته سندن ڪهڙو ڪم آهي، ڊيسڪ ته اپوزيشن ميمبرز وڄائيندا آهن، وفاقي وزير اسد عمر اپوزيشن تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته ملڪ ۾ گاڊ فادر هڪڙو نه آهي، ڪو ڊرگ مافيا جي پٺڀرائي ڪري رهيو آهي ته ڪو پرڏيهي فنڊز وٺي پيو، اپوزيشن جي ليڊرز وردي وارن کي ڪنٽرول ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ڊان ليڪس جي صورت ۾ نواز شريف فوج جي پٺيءَ ۾ ڇرو هنيو، اپوزيشن ميمبرز ڀلي گوڙ ڪن يا اسپيڪر تي حملو ڪن، سينيٽ اليڪشن ۾ بڪرا منڊي بند ٿيڻ وڃي رهي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔