غيرقانوني الاٽمينٽ ۽ آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس: ڄام خان شورو جي ضمانت ۾ 10 مارچ تائين واڌ

ڪراچي: سرڪاري زمين جي غيرقانوني الاٽمينٽ ۽ آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس ۾ پ پ اڳواڻ ڄام خان شورو سوڌو 18 جوابدارن جي ضمانت ۾ 10 مارچ تائين واڌ، سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان ضمانت درخواستن تي ٻڌڻيءَ دوران شريڪ جوابدار محمد اقبال جي غير حاضري تي ڪاوڙ جو اظهار، نيب پراسيڪيوٽر عدالت کي مهلت جي استدعا ڪندي چيو ته جوابدارن خلاف ريفرنس داخل ڪرڻ جي منظوري ملي وئي آهي، ٽن هفتن اندر ريفرنس داخل ڪيو ويندو، عدالت نيب پراسيڪيوٽر جي مهلت منظور ڪندي ٻڌڻي 10 مارچ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔