لاڙڪاڻي ۾ مين هولز ۽ ڊرينيج تي ايڏي خرچ باوجود حالت خراب آهي: سنڌ هاءِ ڪورٽ

ڪراچي: ڪمشنر لاڙڪاڻو گٽر نالي ۾ ٻارڙي مديحه جي ڪِري فوت ٿيڻ واري ڪيس تي ٻڌڻي دوران عدالتي حڪم باوجود پيش نه ٿيو، سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان ڪمشنر ڪراچي جي غير حاضري تي ڪاوڙ جو اظهار، ڊي سي لاڙڪاڻو طرفان لاڙڪاڻو ۾ ڊرينيج ۽ گٽر نالن تي ڍڪ رکڻ بابت رپورٽ پيش، لاڙڪاڻو انتظاميا دعويٰ ڪئي آهي ته لاڙڪاڻو شهر ۾ 4 هزار کان وڌيڪ مين هولز کي ڍڪ رکي بند ڪيو ويو آهي، هڪ ڍڪ تعمير ڪرڻ تي 22 سئو کان 8 هزار رُپيا خرچ ٿيا آهن، چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته ايترو خرچ ڪرڻ باوجود شهر ۾ مين هولز ۽ ڊرينيج جي حالت خراب آهي، ڍڪن تي خرچ ڪيل رقم ٺيڪيدارن کان واپس وٺو، ٻي صورت ۾ معاملو نيب ڏانهن اُماڻيون ٿا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔