قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ سوال جوابن جي وقفي دوران اپوزيشن پاران گوڙ ۽ احتجاج

اسلام آباد : قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ سوال جوابن جي وقفي دوران اپوزيشن پاران گوڙ ۽ احتجاج ڪيو ويو ، اپوزيشن ميمبرز طرفان اسپيڪر جي ڊائيس جو گهيراءُ ۽ نعريبازي، وفاقي وزير فواد چوڌري اجلاس ۾ اپوزيشن تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته نواز ليگ خلاف پيپلز پارٽي سازش ڪري رهي آهي، پاڪستان ڊاڪو موومينٽ وارا ڀلي گوڙ ڪن، عمران خان اُنهن کي نه ڇڏيندو، چورن کي چوريءَ جي سزا ضرور ملندي، قومي اسيمبلي جو اجلاس جاري آهي، وفاقي وزير فواد چوڌري جي تقرير تي اپوزيشن طرفان ڀرپور احتجاج جاري آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔