راولپنڊي ٽيسٽ: پاڪستان جي ڏکڻ آفريقا خلاف بيٽنگ جاري

راولپنڊي:پاڪستان ڏکڻ آفريقا جي خلاف ٻئين ٽيسٽ ميچ ۾ ٽاس کٽي بيٽنگ جو فيصلو ڪيو آهي.

پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريقا وچ ۾ اڄ ٻيون ٽيسٽ ميچ کيڏيو پيو وڃي.  جنهن ۾ پاڪستان جي پهرين وڪيٽ 21 رنسن تي ئي ڪري پئي ۽ عمران بٽ 15 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو. عمران بٽ کان پوءِ ايندڙ ٻيون رانديگر اظهر علي بنا ڪنهن رنس ٺاهڻ جي پويلين موٽي ويو جنهن کان پوءِ عابد علي به صرف 6 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو. ۽ 22 رنسن تي پاڪستان کي ٽن وڪيٽن جو نقصان برداشت ڪرڻو پيو. جنهن کان پوءِ ڪپتان بابر اعظم ۽ فواد عالم  ذميواري جو مظاهرو ڪندي محتاط انداز ۾ اسڪور کي اڳيان وڌايو ۽ ماني جي وقفي تائين هو 63 رنسون ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا هئا.

ڪپتان بابر اعظم چيو آهي ته ڪراچي ۾ ٽيست واري ٽيم کي ئي برقرار رکيو آهي اها ٽيسٽ به کٽي سيريز ٻه ٻڙي سان پنهنجي نالي ڪرڻ چاهيون ٿا. ٻئي طرف مهمان ٽيم لونگي نگيڊي جي جڳهه آل رائونڊر ويان ملڊر کي ٽيم ۾ شامل ڪيو آهي. واضح رهي ته ڪراچي ۾ ٿيندڙ ٽيسٽ ۾ پاڪستان ڏکڻ آفريقا کي شڪست ڏني هئي جنهن سبب پاڪستان کي سيريز ۾ برتري حاصل آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔