فضل الرحمان جو نوازشريف سان فون تي رابطو، حڪومت خلاف تحريڪ تي ڳالهيون

اسلام آباد: پاڪستان ڊيمو ڪريٽڪ موومينٽ(پي ڊي ايم) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان ۽ اڳوڻي وزيراعظم ميان نوازشريف وچ ۾ ٽيليفون تي رابطو ٿيو آهي. اهو رابطو(ن) ليگ جي مرڪزي نائب صدر مريم نواز جي مولانا فضل الرحمان سان ٿيندڙ ملاقات دوران ٿيو.

ان حوالي سان پي ڊي ايم جي ذميوار ذريعن ٻڌايو آهي ته نوازشريف ۽ مولانا فضل الرحمان وچ ۾ ٿيندڙ ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ۾ حڪومت مخالف تحريڪ تي صلاح مشورا ڪيا ويا. پي ڊي ايم جي سربراهه مولانا فضل الرحمان سان(ن) ليگ جي مرڪزي نائب صدر مريم نواز جي تفصيلي ملاقات ان جي رهائشگاهه تي ٿي آهي جنهن ۾ موجوده سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

ملاقات ۾ احسن اقبال، رانا ثناءُالله ۽ مريم اورنگزيب به موجود هئي. ذريعن موجب ملاقات کان پوءِ(ن) ليگ جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل احسن اقبال دعويٰ ڪئي آهي ته پي ڊي ايم اڄ وڏو اعلان ڪندي. هن جو چوڻ هو ته پي ڊي ايم جي اعلان کان پوءِ حڪومت جون ننڊون اڏامي وينديون. اڳوڻي وفاقي وزير احسن اقبال وڌيڪ چيو ته پي ڊي ايم هڪ پليٽ فارم تي آهي ۽ سمورا فيصلا اتفاق راءِ سان ٿيندا آهن.

هن چيو ته هڪ ڳالهه تي سڀني جو اتفاق آهي ته عمران خان کي وڃڻو آهي. ان حوالي سان(ن) ليگ جي مرڪزي اڳواڻ رانا ثناءُالله چيو آهي ته ائين ۾ ترميم جي لاءِ لائحه عمل ٺاهڻ گهرجي. هن چيو ته پ پ اتحادي پارٽي آهي ۽ پارليامينٽ ۾ ان سان صلاح مشورا ٿيندا آهن. 

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔