پي ڊي ايم جو سربراهي اجلاس اڄ مولانا فضل الرحمان جي صدارت هيٺ ٿي رهيو آهي

ڪراچي : پي ڊي ايم ۾ لانگ مارچ ۽ استعيفائن تي اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ جو مشنِ امپاسبل، پي ڊي ايم جو سربراهي اجلاس اڄ مولانا فضل الرحمان جي صدارت هيٺ ٿي رهيو آهي، پيپلز پارٽي، نون ليگ ۽ ٻين پارٽين جا اڳواڻ شريڪ ٿيندا، بلاول جِي بيَ اعتمادي رٿ واري معاملي تي بحث جو امڪان، اجلاس کان اڳ پي ڊي ايم قيادت سرگرم، ن ليگ جَي قائد نواز شريف جو پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان سان فون تي رابطو، حڪومت مخالف تحريڪ تي مشاورت، مريم نواز به وفد سان گڏ پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان جِي رهائشگاهه پهچي وئي، ٻنهي اڳواڻن ۾ ملاقات دوران اڄ رٿيل اجلاس بابت حڪمت عملي تي صلاح مشورا ڪيا ويا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔