اُميد ته پي ڊي ايم لانگ مارچ ۽ بي اعتمادي رٿ کان اڳتي نه ويندي، استعيفيٰ سان جمهوري بيچيني پکڙجي ويندي:شيخ رشيد

اسلام آباد : اُميد ته پي ڊي ايم لانگ مارچ ۽ بي اعتمادي رٿ کان اڳتي نه ويندي، استعيفيٰ سان جمهوري بيچيني پکڙجي ويندي، استعيفيٰ ڏيندڙن کي پنهنجي فيصلي تي غور ڪرڻ گهرجي، وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته تحريڪن سان حڪومتون نه وينديون آهن، اسان عمران خان سان گڏ 126 ڏينهن ڌرڻو هنيو پر حڪومت نه وئي، آخرڪار سياسي ڊئلاگ ڪرڻا هوندا آهن ۽ ڊائلاگ سان ئي جمهوريت مضبوط ٿيندي، ڳالهين جا دڳ بند ڪندڙ جمهوريت جي رستي تي ڊائنامڪ وڇائيندا آهن، اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو ته پيپلز پارٽي سان ڪوبه رابطو نه آهي، جيڪي سياستدان موقعو هٿن مان وڃائيندا آهن، اُهي اڳتي هلي پڇائيندا آهن، سياست ۾ ڪوبه موقعو هٿان نه وڃايو ويندو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔