اليڪشن ڪميشن پنجاب، خيبرپختونخواه ۽ ڪئنٽونمينٽ بورڊز ۾ بلدياتي چونڊون ڪرائڻ لاءِ تاريخ ڏئي ڇڏي

اسلام آباد: اليڪشن ڪميشن پنجاب، خيبرپختونخواه ۽ ڪئنٽونمينٽ بورڊز ۾ بلدياتي چونڊون ڪرائڻ لاءِ تاريخ ڏئي ڇڏي، سپريم ڪورٽ ۾ بلدياتي چونڊن جي حوالي سان جواب جمع، اليڪشن ڪميشن چيو آهي ته خيبرپختونخواه ۾ بلدياتي چونڊون ٻن مرحلن ۾ 8 اپريل ۽ 29 مئي تي ڪرايون وينديون، اليڪشن ڪميشن طرفان پنجاب اندر ٽن مرحلن ۾ بلدياتي چونڊون ڪرائڻ جو فيصلو، پنجاب ۾ بلدياتي چونڊون مرحليوار 20 جون، 16 جولاءِ ۽ 8 آگسٽ تي ڪرايون وينديون، ڪئنٽونمينٽ بورڊز ۾ مڪاني چونڊون 8 اپريل ۽ 29 مئي تي ڪرايون وينديون، سنڌ ۽ بلوچستان ۾ مڪاني چونڊون ڪرائڻ وارو معاملو 11 فيبروري تائين ملتوي، اليڪشن ڪميشن بلدياتي چونڊن بابت ٿيل اجلاسن جا منٽس به سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏيا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔