شهباز شريف جي ڪوٽ لکهپت جيل ۾ طبيعت خراب، اسپتال منتقل

لاهور: ڪوٽ لکهپت جيل ۾ قيد مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ شهباز شريف جي طبيعت اوچتو خراب ٿي وئي جنهن کان کيس طبي ٽيسٽن جي لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

مخالف ڌر جي اڳواڻ شهباز شريف کي انمول ڪينسر اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي سندس مختلف ٽيسٽون ڪيون وينديون. ان موقعي تي سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا ۽ اسپتال جي چوڌاري پوليس جي وڏي نفري مقرر ڪئي وئي آهي.

ياد رهي ته شهباز شريف کي بلڊ ڪينسر جي بيماري آهي پنجاب انسٽيٽيوٽ آف نيورو سائنسز جي ايگزيڪٽو ڊائريڪٽر جي سربراهي ۾ اسپيشل ميڊيڪل بورد سندس علاج ڪري رهيو آهي.

واضح رهي ته پنجاب انسٽيٽيوٽ آف نيورو سائنسز جي ايگزيڪٽو ڊائريڪٽر جي سربراهي ۾ اسپيشل ميڊيڪل بورڊ سندس علاج ڪري رهيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔