عدالتي حڪمن باوجود حراستي مرڪزن بابت رپورٽ پيش ڇو نه ڪئي؟ سنڌ هاءِ ڪورٽ وفاقي گهرو سيڪريٽري کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا

ڪراچي: عدالتي حڪمن باوجود حراستي مرڪزن بابت رپورٽ پيش ڇو نه ڪئي؟ سنڌ هاءِ ڪورٽ وفاقي گهرو سيڪريٽري کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا، لاپتا ماڻهن جي آزادي لاءِ درخواست تي ٻڌڻي دوران جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو چيو ته ڪهڙا ماڻهو شهرين کي کنڀي وڃي رهيا آهن، ڪا ته خبر پئي، اسان چئي چئي ٿڪجي پيا آهيون، پر پوليس آفيسر ڪجهه به نٿا ڪن، شهرين جو تحفظ يقيني بڻايو وڃي، جاچ آفيسر عدالت کي آگاهي ڏيندي چيو ته لاپتا ماڻهن جي حوالي سان مختلف ادارن کي خط لکيا، پر اڃا تائين جواب نه مليو آهي، عدالت حراستي مرڪزن بابت رپورٽ پيش نه ٿيڻ تي وفاقي سرڪار کان وضاحت طلب ڪري ورتي، لاپتا شهرين جو هڪ مهيني اندر پتو لڳائي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔