ملڪ ۾ ڪو به وفاقي سيڪريٽري ڪم نه پيو ڪري، سڀ سيڪريٽريز ليٽر بازي ۾ لڳا پيا آهن، اُهو ڪم ڪلارڪن جو آهي:سپريم ڪورٽ

اسلام آباد : ملڪ ۾ ڪو به وفاقي سيڪريٽري ڪم نه پيو ڪري، سڀ سيڪريٽريز ليٽر بازي ۾ لڳا پيا آهن، اُهو ڪم ڪلارڪن جو آهي، سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته حڪومت سيڪريٽريز کي ڇو رکيو آهي؟ سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس طرفان بيورو ڪريسيءَ تي ڪاوڙ جو اظهار، چيف جسٽس گلزار احمد ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته سيڪريٽريز طرفان ڪم نه ڪرڻ سبب ملڪ جو ٻيڙو ٻڏي ويو، سيڪريٽريز کي خوف آهي ته ڪٿي نيب کين پڪڙي نه وڃي، پهرين به سيڪريٽريز ڪم ڪري رهيا هئا، هاڻي خبر ناهي ته ڇا ٿي ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔