اسٽيل ملز جي ملازمن کان اڳ آفيسرز کي نيڪالي ڏني وڃي: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد : اسٽيل ملز جي ملازمن کان اڳ آفيسرز کي نيڪالي ڏني وڃي، وڌيڪ ملازمن کي برطرف ڪرڻ جي سڌي ريت اجازت ڏينداسين، پر پهرين آفيسرز کي نيڪالي ڏيو، سپريم ڪورٽ اسٽيل ملز کي بند ڪرڻ لاءِ اڄ ئي حڪم نامو جاري ڪرڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو: اسٽيل ملز ملازمن جي پروموشن واري ڪيس تي ٻڌڻي دوران ملز جِي تباهي جِي ذميوار انتظاميا قرار، چيف جسٽس گلزار احمد ملز انتظاميا تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته انتظاميا جي ملي ڀڳت بنا ڪو به غلط ڪم نه ٿو ٿي سگهي، مل بند پئي آهي ته انتظاميا کي ڇو رکيو ويو آهي؟ بند ٿيل ملز ۾ ڪنهن کي ايم ڊي يا چيف ايگزيڪيوٽو مقرر ڪرڻ جي ضرورت نه آهي، اڄ کان اسٽيل ملز ملازمن کي ڪا به ادائگي نه ڪئي ويندي، جڏهن ملز نفعو ئي نه ٿي ڏئي ته ادائگيون ڪهڙيون؟ ملازمن کي ويهڻ جي پگهار ته نه ملندي، جنهن جي جيڪا دل چئي، مفت جي دڪان مان کڻي ويندو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔