اليڪشن ڪميشن سينيٽ جي چونڊن لاءِ چونڊ شيڊول 11 فيبروريءَ تي جاري ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

اسلام آباد : اليڪشن ڪميشن سينيٽ جي چونڊن لاءِ چونڊ شيڊول 11 فيبروريءَ تي جاري ڪرڻ جو اعلان  ڪري ڇڏيو. اليڪشن ڪميشن، سينيٽ جي چونڊن وڙھڻ جي خواھشمندن کي نامزدگي فارم فراھم ڪرڻ جو اڄ کان آغاز ڪرڻ جو به اعلان ڪيو آھي. اليڪشن ڪميشن جي ترجمان پاران چيو ويو آهي ته سينيٽ ۾ اسلام آباد جي ٻن خالي ٿيندڙ سيٽن لاءِ نامزدگي فارم اليڪشن ڪميشن اسلام آباد جي مرڪزي سيڪريٽريٽ مان وصول ڪري سگھجن ٿا، جڏھن تھ چئني صوبن جي سيٽن لاءِ لاڳاپيل صوبائي اليڪشن ڪمشنرن جي آفيسن مان نامزدگي فارم وصول ڪري سگھجن ٿا. سينيٽ جي چونڊ ۾ نامزدگي فارم جمع ڪرائڻ وقت پارٽي ٽڪيٽ به شامل ڪئي وڃي پر آزاد اميدوار طور حصو وٺندڙ پارٽي ٽڪيٽ جمع ڪرائڻ کان آجا ھوندا، اليڪشن ڪميشن پاران چيو ويو ته چونڊ خرچن جي حوالي سان اميدوار ڪنھن به شيڊول بينڪ جي ڪنھن به برانچ ۾ مخصوص اڪائونٽ کولرائي وٺن ڇو تھ اُن اڪائونٽ نمبر جو نامزدگي فارم ۾ شامل ھجڻ ضروري آھي، چونڊ خرچ صرف ان اڪائونٽ ذريعي ٿيندا، سينيٽ جي چونڊن ۾ ھر ھڪ اميدوار لاءِ چونڊ خرچن جي حد 15 لک رپيا مقرر آھي، اڪائونٽ ۾ ان کان وڌيڪ رقم نه رکي وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔