حڪومت سينيٽ چونڊن دوران هارس ٽريڊنگ کي روڪڻ گهري ٿي: شاهه محمد قريشي

اسلام آباد : حڪومت سينيٽ چونڊن دوران هارس ٽريڊنگ کي روڪڻ گهري ٿي، آئيني ترميم پارليامينٽ ۾ پيش ٿيندي ئي اپوزيشن سانڊي جيان رنگ مٽائي وئي، پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جو قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن جي گوڙ دوران خطاب، شاهه محمود قريشي چيو آهي ته اپوزيشن وارا پارليامينٽ جي تقدس کي پنهنجي پيرن هيٺيان لتاڙي رهيا آهن، عوام ڏسي ورتو ته هارس ٽريڊنگ جي حمايت ڪير پيو ڪري ۽ ڪير اُن کي ختم ڪرڻ گهري ٿو، ٻُڌو آهي ته پي ڊي ايم جي اڄوڪي اجلاس ۾ لانگ مارچ جو اعلان ٿي رهيو آهي، پي ڊي ايم جي لانگ مارچ مان حڪومت کي خوف نه آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔