آدم شماري جي نتيجن تي سنڌ حڪومت ۽ ٻين ڌُرين کي اعتراض آهي: اٽارني جنرل جي سپريم ڪورٽ کي آگاهي

اسلام آباد : آدم شماري جي نتيجن تي سنڌ حڪومت ۽ ٻين ڌُرين کي اعتراض آهي، متحده کي به آدم شماري تي اعتراض هو، اٽارني جنرل طرفان سپريم ڪورٽ ۾ آدم شماري بابت آگاهي، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ اٽارني جنرل کي چيو ته ڪنهن پارٽي جو نالو نه کڻو، هي آئيني معاملو آهي، 2017ع کان 2021ع تائين آدم شماري تي فيصلو نه ٿي سگهيو، ڇا پاڪستان کي ائين هلايو پيو وڃي، بلدياتي چونڊن جي ڳالهه ٿئي ته صوبا پنهنجا مسئلا ڳڻائڻ شروع ڪن ٿا، بلدياتي چونڊون ڪرائڻ آئيني ضرورت آهي، پنجاب سرڪار بلدياتي ادارا ٽوڙي جمهوريت کي قتل ڪيو، ائين جمهوريت حڪومت ۾ نه، پر مارشل لا دور ۾ ٿيندو آهي، جهڙي نموني ملڪ کي هلايو پيو وڃي، اُن تي حيرت آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔