احتساب جو ادارو پاڻ احتساب جو شڪار آهي، ملڪ جا فيصلا پرڏيهي ڪري رهيا آهن: شاهد خاقان

ڪراچي: (ن) ليگ اڳواڻ شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته احتساب جو ادارو پاڻ احتساب جو شڪار آهي، ڪابينه جو ٽيون حصو پرڏيهي شهرين تي ٻڌل آهي ملڪ جا فيصلا ڪندڙ پرڏيهي آهن ڪوبه ملڪ ٻڌايو جيڪو پرڏيهين کي اليڪشن وڙهڻ جي اجازت ڏيندو هجي.

اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو ته سينيٽ چونڊون شو آف بينڊ سان ٿينديون پر قومي اسيمبلي ۽ صوبائي اسيمبلي جي اليڪشن به شو آف بينڊ سان ٿين. اسپيڪر کان قومي اسيمبلي نٿي هلي ته نوڪري ڇڏي ڏئي. قومي اسيمبلي جو اسپيڪر عمران خان جي دٻاءُ ۾ آهي.

اسپيڪر عمران خان جو دٻاءُ وٺڻ ڇڏي ڏئي. جيستائين آئين موجب ملڪ نه هلائيندو ملڪ نٿو هلي سگهي. شاهد خاقان عباسي وڌيڪ چيو ته جتي قانون جي حڪمراني هجي اتي عدم اعتماد هوندو آهي، هتي عدم اعتماد ڪنداسين ته نيب وارا کڻي ويندا.

اربين روپين جي ماليت جا گهر ۽ گاڏيون رکندڙ هڪ پئسو به ٽيڪس نٿا ڏين. نيب چيئرمين کي  هن وقت تائين استعيفيٰ ڏئي گهر وڃڻ گهرجي ها. هن چيو ته پي ڊي ايم جي هر فيصلي جي پابندي ڪئي آهي ۽ ڪندا رهنداسين. پي ڊي ايم جو 11 پارٽين جو اتحاد هڪ نقطي تي قائم آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔