ڇا پاڪستان ۾ ميڊيا آزاد آهي ؟ جسٽس قاضي فائزعدالت ۾ ريفرنڊم ڪرائي ڇڏيو

اسلام آباد : ڇا پاڪستان ۾ ميڊيا آزاد آهي ؟ جسٽس قاضي فائز عدالت ۾ ريفرنڊم ڪرائي ڇڏيو، اٽارني جنرل جاويد خان چوندو رهيو ته اڃان جدوجهد جي دور ۾ آهيون، جڏهن ته عدالت جي پڇڻ تي موجود سمورن رپورٽرز ميڊيا جي آزاد نه هجڻ جي راءِ ڏني، بلدياتي چونڊن واري ڪيس ۾ جسٽس قاضي فائز ريفرنڊم ڪرايو، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ اٽارني جنرل کان ميڊيا جي آزادي بابت پڇو، ان جي طرفان واضح جواب نه اچڻ تي بينچ جي سربراهه چيو ته عدالتي ڪمري ۾ موجود صحافين کان ريفرينڊم ڪرايون ٿا، جسٽس قاضي فائز سوال ڪيو ته جيڪو صحافي سمجهي ٿو ته پاڪستان ۾ ميڊيا آزاد آهي ته اهو هٿ مٿي ڪري، عدالت ۾ موجود ڪنهن به رپورٽر هٿ مٿي نه ڪيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔