سڄي سنڌ ۾ 3 فيبروري کان ڪورونا ويڪسينيشن شروع ڪرڻ جو اعلان

ڪراچي: سنڌ جي صحت واري وزير ڊاڪٽر عزرا پيچوهو سڄي سنڌ ۾ ڪورونا ويڪسينيشن جو آغاز 3 فيبروري کان ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.
پنهنجي ويڊيو بيان ۾ صحت واري صوبائي وزير عزرا پيچوهو جو چوڻ هو ته سڄي سنڌ ۾ 3 فيبروري اربع کان ڪورونا ويڪسينيشن شروع ڪئي ويندي، ويڪسين جي ٽريسنگ جي لاءِ ايميونائزيشن مانٽرنگ سسٽم ۾ ڊيٽا اپلوڊ ڪئي پئي وڃي، ويڪسينيشن مرحلي جي شفافيت کي يقيني بڻائڻ لاءِ ڊيٽا مرتب ڪئي پئي وڃي.
صوبائي وزير موجب چين مان گهرايل ويڪسين سائنو فارم وائرس جي خلاف 90 سيڪڙو ڪار آمد آهي، پهرين مرحلي ۾ ڪورونا جي خلاف وڙهندڙ فرنٽ لائن ورڪرز کي ويڪسين هنئي ويندي ۽ پرائيويٽ سيڪٽر ۾ ڪم ڪندڙ هيلٿ ڪيئر ورڪرز کي به پهرين مرحلي ۾ شامل ڪيو ويندو.
صوبائي وزير جو چوڻ هو ته ويڪسين جي لاءِ ڪراچي جي سمورن ضلعن جي سهولتن کي نظر ۾ رکيو آهي، جن ضلعن ۾ ڪورونا ڪيس وڌيڪ رپورٽ ٿيا آهن ويڪسين جي لاءِ انهن ضلعن جي چونڊ پهرين ڪئي وئي آهي، ڪراچي ۾ ويڪسينيشن جو سلسلو ڪراچي ۾ خالق ڏني هال، لياقت آباد اسپتال، جناح اسپتال، ڪورنگي اسپتال، اربن هيلٿ سينٽر ملير، اوجها اسپتال، قطر اسپتال ۽ چلڊرن اسپتال ۾ شروع ڪئي ويندي، جڏهن ته سنڌ جي ٻين ضلعن ۾ لمس ڄامشورو، ايم سي ايڇ سينٽر شهيد بينظير آباد کي اڊلٽ ويڪسينيشن سينٽر/اي وي سي بڻايو ويو آهي.
عذرا پيچوهو چيو ته ويڪسينيشن جي ٻئي مرحلي ۾ 60 کان وڌيڪ عمر جي ماڻهن جڏهن ته ٻين شهرين کي آخري مرحلي ۾ ويڪسين هنئي ويندي، آخري مرحلي ۾ ويڪسينيشن سينٽرز جو انگ سنڌ جي سمورن ضلعن ۾ وڌايو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔