عفت عمر جي علي ظفر خلاف توهين عدالت ڪارروائي جي اپيل رد

لاهور : لاهور جي عدالت جنسي هراساني ڪيس ۾ گلوڪارا ميشا شفيع جي شاهد اداڪارا عفت عمر جي راڪ اسٽار علي ظفر خلاف توهين عدلات ڪارروائي جي اپيل رد ڪري ڇڏي.
لاهور جي سيشن ڪورٽ ۾ علي ظفر طرفان ميشا شفيع خلاف ساک کي نقصان پهچائڻ جي دعويٰ تي ٻڌڻي ٿي.
ٻڌڻي دوران ميشا شفيع جي شاهد اداڪارا عفت عمر تحفظ لاءِ سيڪيورٽي گهرندي چيو ته گذريل ٻڌڻي تي علي ظفر جي حامين نعريبازي ڪئي، علي ظفر جي حامين بيان واپس وٺڻ لاءِ دٻاءُ به وڌو.
فاضل جج چيو ته جيڪڏهن واقعو عدالت ۾ پيش آيو آهي ته پوءِ ان کي قانون موجب ڏسنداسين، جيڪڏهن واقعو ڪورٽ روم کان ٻاهر ٿيو آهي ته ڪيس جي درخواست داخل ڪيو.
عدالت ٻڌڻي 10 فيبروري تائين ملتوي ڪري ڇڏي، جڏهن ته ميشا جي شاهد عفت عمر جي علي ظفر خلاف توهين عدالت ڪارروائي جي اپيل رد ڪري ڇڏي.
عدالت عفت عمر کي هراسان ڪرڻ ۽ تحفظ لاءِ لاڳاپيل فورم سان رابطو ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ايندڙ ٻڌڻي تي عفت عمر کي آڏي پڇا لاءِ طلب ڪري ورتو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔