راولپنڊي ٽيسٽ لاءِ تبديليون ڪري سگهون ٿا: مصباح الحق

راولپنڊي :قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي هيڊ ڪوچ مصباح الحق چيو آهي ته ڪراچي ٽيسٽ ۾ ڏکي صورتحال دوران مقابلو ڪيوسين، پچ کي ڏسندي جيڪڏهن ضرورت پئي ته راولپنڊي ٽيسٽ ۾ تبديليون ڪنداسين.
راولپنڊي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مصباح الحق چيو ته نيوزيلينڊ هٿان شڪست کانپوءِ جيڪي ڳالهيون ٿيون، هاڻ انهن جو ڪو فرق نٿو پئي، راولپنڊي جي ڪنڊيشن ٿوري مختلف هوندي، ڪوشش ڪنداسين ته پهرين ميچ ۾ ڪيل غلطيون نه ورجايون.
هن چيو ته ڏکڻ آفريقا جي بهترين ٽيم آهي ۽ واپسي ڪري سگهي ٿي، ڪوشش اها ئي هوندي ته سيريز پنهنجي نالي ڪيون، ٻي ٽيسٽ لاءِ فائنل اليون جو اعلان آخري ڏينهن ڪنداسين.
سندس چوڻ هو ته حسن علي کي رڳو هڪ ميچ ۾ جج ڪرڻ ناانصافي آهي، هو ٽيم ۾ واپسي ڪري رهيو آهي ۽ ڊوميسٽڪ ۾ سٺي ڪارڪردگي ڏيکاري اٿائين.
محمد حفيظ جي حوالي سان مصباح الحق چيو ته هو فارم ۾ آهي ۽ ان جي ٽيم ۾ نه هجڻ سان فرق ته پوندو، ڪوشش آهي ته هر رانديگر کي مڪمل موقعو فراهم ڪيون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔