وڏي وزير مراد علي شاهه پاران ڪراچي ۾ نالن تان حددخليون هٽائڻ جو حڪم

ڪراچيُ: وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ صوبائي ڪو آرڊينيشن ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، ڪراچي ۾ برساتي نالن تان قبضا هٽائڻ سميت اهم معاملن تي غور ويچار ڪيو ويو، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته محمود آباد نالي تان حد دخليون هٽايون ويون آهن، وڏي وزير چيو آهي ته متاثرن جي بحالي وارو ڪم جاري آهي . وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ وزيراعليٰ هائوس ۾ صوبائي ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ صوبائي وزيرن ۽ ڪميتي ميمبرن شرڪت ڪئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته، محمود آباد نالي تان حد دخليون هٽايون ويون آهن، جنهن کانپوءِ نالي جي صفا.ي جو ڪم جاري آهي. وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته متاثرن جي بحالي وارو ڪم جاري آهي متاثرن کي 65 امدادي چيڪ ڏنا ويا آهن، وڌيڪ چيڪ به جلد ورهايا ويندا ….

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔