سليڪٽڊ وزيراعظم کي ٽي وي تان پتو پوندو ته ظلم جي حڪومت عوام ڪيرائي ڇڏي: مريم اورنگزيب

اسلام آباد: مسلم ليگ نون جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته 6 ووٽن جي بنياد تي مڙهيل سليڪٽڊ وزيراعظم کي ٽي وي تان پتو پوندو ته سندس ظلم جي حڪومت عوام ڪيرائي ڇڏي آهي، اٽي، کنڊ ۽ فارن فنڊنگ چور سليڪٽڊ وزيراعظم گهر ويندو. وزيراعظم عمران خان کي استعيفيٰ لاءِ 31 جنوري تائين ڏنل مهلت ختم ٿيڻ تي رد عمل ظاهر ڪندي مريم اورنگزيب چيو ته اٽي، کنڊ ۽ فارن فنڊنگ چور سليڪٽڊ وزيراعظم کي پنهنجي گهر وڃڻ جو اطلاع هاڻي ٽي وي تان ملندو. هن چيو ته اوپن بيلٽ تي سليڪٽڊ وزيراعظم پريشان آهي، ڇوته اتحادي ۽ ميمبر ساٿ ڇڏي چڪا آهن، جڏهن اپوزيشن اوپن بيلٽ جي ڳالهه ڪري رهي هئي ته عمران صاحب تڪبر ۽ غرور جو بـُت بڻيل هو. مريم اورنگزيب وڌيڪ چيو ته هاڻي رڙيون ان ڪري نڪري رهيون آهن، ڇوته روزانو ڪميشن خور ٽي وي تي اچي ڪوڙا ڪاغذ ڏيکارين ٿا ۽ عوام چينل تبديل ڪري ڇڏي ٿو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔