وزير اعظم اسيمبليءَ ۾ اچي نٿو ۽ سستي شهرت لاءِ فون تي ڳالهائي ٿو: قمرالزمان ڪائره

سکر: پ پ اڳواڻ قمر زمان قائره چيو آهي ته وزير اعظم اسيمبليءَ ۾ اچي نٿو ۽ سستي شهرت لاءِ فون تي ڳالهائي رهيو آهي. سکر ۾ احتساب عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي قمر زمان قائره چيو ته پي ڊي ايم پاران 26 نقطا واضع ڪيا ويا آهن، حڪومت خلاف جلسا جلوس احتجاج ڪرڻ سان گڏ بي اعتمادي رٿ پيش ڪنداسين، ضرورت پوڻ تي استعفائون به ڏينداسين. هن چيو ته سيد خورشيد شاهه خلاف داخل ڪيل ريفرنس ۾ ديرڪئي پئي وڃي، ريفرنس داخل ٿيڻ باوجود سيد خورشيد شاهه کي جيل ۾ رکيو ويو آهي. هن چيو ته خورشيد شاهه سنڌ نه پر پاڪستان جو محسن آهي، خورشيد شاهه جي ريفرنس ۾ 13 ماڻهن کي آزاد ڪيو ويو آهي، جن ماڻهن کي ڏيڍ سال تائين تنگ ڪيو ويو انهن سان انصاف جو ازالو ڪير ڪندو. هن چيو ته حڪومت عوام مٿان مهانگي جو بم ڪيرائي وڌو آهي، مهانگائي سبب عوام پريشان آهي…

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔