ملڪ هلائڻ نااهل ۽ نالائق ٽولي جي وس جي ڳالهه ناهي: شيري رحمان

اسلام آباد: پيپلز پارٽي جي اڳواڻ سينيٽر شيري رحمان چيو آهي ته ٻن مهينن ۾ تيل اگهن ۾ 16 ۽ رڳو جنوري مهيني ۾ 12 رپيا اضافو ڪيو ويو، ملڪ هلائڻ نااهل ۽ نالائق ٽولي جي وس جي ڳالهه ناهي. پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ تازي واڌ تي رد عمل ظاهر ڪندي شيري رحمان چيو ته ٻن مهينن ۾ پيٽروليم اگهن ۾ 5 ڀيرا اضافو ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ٻن مهينن دوران تيل اگهن ۾ 16 رپيا ۽ فقط جنوري مهيني ۾ 12 رپيا واڌ ڪئي وئي. هن چيو ته ملڪ هلائڻ هن نااهل ۽ نالائق ٽولي جي وس جي ڳالهه ناهي، قيمتن ۾ عدم توازن سان ظاهر ٿئي ٿو ته حڪومت غير مستحڪم آهي. شيري رحمان وڌيڪ چيو ته وزيراعظم اڄ مهانگائي ۾ گهٽتائي جو اعلان ڪيو هو، کيس غلط معاشي انگ اکر ٻڌايا ويندا آهن. پ پ سينيٽر شيري رحمان چيو ته پيٽرول قيمتن بابت وزيراعظم جا ماضي وارا بيان موجود آهن، هاڻي ٻڌائي ته ڇا پيٽرول جي مد ۾ پئسا سندس کيسي ۾ وڃي رهيا آهن.؟………

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔