پيٽروليم شين جي اگهن ۾ ڪيل تازي واڌ کي لاهور هاءِڪورٽ ۾ چئلينج

لاهور: حڪومت طرفان پيٽروليم شين جي اگهن ۾ ڪيل تازي واڌ کي لاهور هاءِڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو ويو، درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته تيل اگهن ۾ مسلسل واڌ سبب عام واهپي جي شين جي اگهن ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، جنهن سبب پورهيت طبقو ٻن ويلن جي ماني ڳڀي لاءِ پريشان آهي. جوڊيشل ايڪٽوزم پينل پيٽروليم اگهن ۾ تازو ٿيل واڌ کي لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو آهي. جوڊيشل ايڪٽوزم پينل درخواست ۾ وفاقي حڪومت، اوگرا ۽ ٻين کي ڌر بڻائيندي موقف اختيار ڪيو آهي ته تيل اگهن ۾ مسلسل واڌ سبب عام واهپي جي شين جي اگهن ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، جنهن سبب پورهيت طبقو ٻن ويلن جي ماني ڳڀي لاءِ پريشان آهي. عدالت اهڙي درخواست تي ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي ايندڙ ٻڌڻيءَ تي جواب طلب ڪري ورتو آهي……….

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔