وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس سڀاڻي ٿيندو

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس سڀاڻي ٿيندو، اجلاس ۾ نيا پاڪستان هائوسنگ اسڪيم ۽ ڪرونا کان بچاءَ واري ويڪسين لڳائڻ جي حڪمت عملي تي غور ٿيندو. وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ سڀاڻي ٿيندڙ وفاقي ڪابينا جي اجلاس لاءِ 9 نقاطي ايجنڊا جاري ڪئي وئي آهي. اجلاس ۾ ملڪي سياسي ۽ معاشي صورتحال تي غور ويچار ڪيو ويندو، جڏهن ته نيا پاڪستان هائوسنگ اٿارٽي جي منصوبن تي بريفنگ به ڏني ويندي. وزيراعظم ايجوڪيشن ريفارمز پروگرام تحت بسن جي آپريشنل پاليسي منظوري لاءِ وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ پيش ڪئي ويندي………..

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔