سنڌ حڪومت پاران سيڪريٽري سطح جي ڪامورن جون بدليون ۽ مقرريون

ڪراچي: سنڌ حڪومت پاران سيڪريٽري سطح جي ڪامورن جون بدليون ۽ مقرريون ڪيون ويون آهن. بين الصوبائي رابطن واري کاتي جي سيڪريٽري نياز عباسي کي بدلي ڪري اطلاعات کاتي جو سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو آهي. ورڪس اينڊ سروسز کاتي جي سيڪريٽري عمران عطا سومرو کان اطلاعات سيڪريٽري جي اضافي چارج واپس ورتي وئي، اعجاز ميمڻ کي سيڪريٽري ايڪسائيز مقرر ڪري خوراڪ کاتي واري سيڪريٽري حليم شيخ کان اضافي چارج واپس ورتي وئي. تازو خدمتون سنڌ حوالي ڪندڙ ڪاموري عبدالهادي بلو کي اقليتن جي معاملن واري کاتي جو سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو. پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ کاتي جي سيڪريٽري سعيد اعواڻ کان اقليتن واري کاتي جي سيڪريٽري واري اضافي چارج واپس ورتي وئي. چيف سيڪريٽري جي هدايتن بعد سروسز کاتي جي اختيارين نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔