شام ۾ ٻه ڪار بم ڌماڪا، ٻارن سميت تيرهن ڄڻا اجل جو شڪار

دمشق: شام جي اترئين علائقي ۾ هڪٻئي پويان ٿيل 2 ڪار بم ڌماڪن جي نتيجي ۾ 13 ڄڻا اجل جو شڪار ٿي پيا جڏهن ته ڪيترائي زخمي ٿي پيا.
عالمي خابرو اداري موجب شام جي اتر اوڀر جي شهر الحسڪه جي ڳوٺ آزاز ۾ هڪٻئي پويان ٻه ڪار جا بم ڌماڪا ٿيا جن ۾ مجموعي طور تي 13 ماڻهو مارجي ويا ۽ 30 ڄڻا زخمي ٿي پيا.
ٻئي طرف ان علائقي ۾ ڪردن جي حامي سيريئن ڊيموڪريٽڪ فورس جي اهلڪارن مقامي حڪومت جي حامي مظاهرو ڪندڙن تي فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو ۽ 3 زخمي ٿي پيا.
ٻه ڏينهن پهريان شام جي صنعتي ايريا عفرين ۾ ڪار بم ڌماڪن ۾ 6 ڄڻا مارجي ويا ۽ 25 زخمي ٿي پيا هئا جنهن جي ذميواري ترڪ حڪومت ڪردن جي انتهاپسند پارٽي مٿان عائد ڪئي هئي.
اچ ٿيل ٻئي ڌماڪا به ترڪي جي انتظام هيٺ علائقن ۾ ٿيا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔