پيٽرول کان پوءِ ايل پي جي به مهانگي، گهريلو سلينڊر جي قيمتن ۾ هڪ سئو ٻاويهه روپيه واڌ

اسلام آباد: پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ کان پوءِ آئل اينڊ گيس ريگوليٽري اٿارٽي(اوگرا) ايل پي جي جي اگهن ۾ به واڌ ڪري ڇڏي آهي.آئل اينڊ گيس ريگوليٽري اٿارٽي طرفان ايل پي جي جي اگهن ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي جنهن ۾ ايل پي جي جي في ٽن پيداواري قيمت 95283 روپيه في ٽن مقرر ڪئي وئي آهي.فيبروري 2021 جي لاءِ في ڪلو گرام ايل پي جي جي قيمت 10 روپيه وڌي 158 روپيه ٿي وئي آهي. جڏهن ته گهريلو سلنڊر جي قيمت 122 روپين مان وڌي 1863 روپيه ٿي وئي آهي ۽ ڪمرشل سلنڊر جي قيمت 471 روپين مان وڌي 7168 روپيه ٿي وئي آهي.نوٽيفڪيشن موجب ايل پي جي تي مارڪيٽنگ ۽ ڊسٽري بيوشن مارجن 35000 روپيه ٿي وئي. جڏهن ته 4699 روپيه في ٽن ايل پي جي تي پيٽروليم ڊيولپمينٽ ليوي به لاڳو هوندي.نوٽيفڪيشن موجب في ٽن ايل پي جي تي 22941 روپيه سيلز ٽيڪس به لاڳو هوندو. جنهن کان پوءِ ايل پي جي صارف قيمت 157894 روپيه في ٽن ٿي وئي. اوگرا موجب گهريلو استعمال جي سلينڊر کان سواءِ ٽيڪس قيمت 1124 روپيه ٿي وئي آهي ۽ سمورا ٽيڪسز ليوي ۽ مارڪيٽنگ مارجن شامل ڪري صارفين کي گهريلو استعمال جي سلينڊر کي وڪرو ڪيو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔