ايران طالبان کي افغان حڪومت سان ڳالهين ۾ ٽياڪڙي جي آڇ ڪري ڇڏي

تهران: ايران طالبان کي افغان حڪومت سان هلندڙ ڳالهين ۾ ٽياڪڙي ۽ سهڪار ڪرڻ جي آڇ ڪئي آهي.
ايران جي خابرو اداري موجب جواد ظريف تهران ۾ طالبان جي سياسي معاملن بابت سربراهه ملا غني برادر جي قيادت ۾ آيل وفد کي خوش آمديد ڪيو، ان موقعي تي ايران پاران قطر ۾ آمريڪا سان شروع ٿيندڙ امن ڳالهين ۾ دير ٿيڻ کانپوءِ افغانستان ۾ امن جي قيام لاءِ ٽياڪڙي جي آڇ ڪئي آهي.
ايران جي پرڏيهي وزير جواد ظريف چيو آهي ته اسان افغانستان ۾ رهندڙ سمورن نسلي گروهن ۽ مڪتبئه فڪر تي ٻڌل حڪومت سازي جي ڀرپور حمايت ڪنداسين، ايران جي خابرو اداري موجب جواد ظريف ملا غني برادر کي چيو آهي ته افغانستان ۾ هلندڙ تڪرار جي خاتمي لاءِ آمريڪا صحيح طرح جي ٽياڪڙي نه پيو ڪري.
پنهنجي ٽوئيٽ ۾ طالبان جي ترجمان محمد نعيم لکيو آهي ته ايراني عملدارن سان ملاقات خوشگوار موڊ ۾ ٿي جنهن ۾ افغانستان ۾ موجوده حالتن، عالمي ڳالهين، دوحا معاهدي تي عمل ۽ افغانستان سميت خطي جي امن بابت اهم معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔