فيس بڪ کي روزاني استعمال ڪندڙن جو انگ ڪيترو آهي؟ تفصيل جاري

لنڊن: سماجي رابطن جي سڀني کان وڏي ويب سائٽ فيس بڪ طرفان 2020 جي چوٿين مهيني جا انگ اکر جاري ڪيا ويا آهن.جاري ڪيل انگن اکرن موجب فيس بڪ جو چوڻ آهي ته چوٿين مهيني ۾ سوشل نيٽ ورڪ جي آمدني 28 ارب ڊالر ٿي وئي آهي جيڪا هڪ سال اڳ جي مقابلي ۾ 33 سيڪڙو وڌيڪ آهي جڏهن ته منافعو گڏيل طور تي 11 ارب ڊالر کان وڌيڪ رهيو جيڪو گذريل سال جي مقابلي ۾ 53 سيڪڙو وڌيڪ آهي. فيس بڪ جا انگ اکر ظاهر ڪن ٿا ته گذريل سال جي دوران مختلف تڪرارن ۽ عالمي وبا سامهون اچڻ جي باوجود فيس بڪ سال جي آخري چوٿين مهيني نئين صارفين کي پنهنجي طرف ڇڪڻ ۾ ڪامياب رهيو آهي.ڪمپني موجب روزاني فيس بڪ استعمال ڪندڙ صارفين جو انگ چوٿين مهيني ۾ 1.84 بلين(هڪ ارب 84 ڪروڙ) جڏهن ته 2.8 بلين(2 ارب 80 ڪروڙ) ماهوار رهي. جيڪو سڄي سال جي دوران خاص طور تي 11 سيڪڙو ۽ 12 سيڪڙو وڌيڪ آهي.فيس بڪ جي ملڪيت ايپس(جنهن ۾ انسٽاگرام، واٽس ايپ ۽ ميسنجر شامل آهي) هاڻ چوٿين مهيني جي دوران هڪ نئون رڪارڊ ٺاهڻ ۾ ڪامياب رهيو جنهن ۾ مهيني ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڀيرو استعمال ڪندڙ صارفين جو انگ 3 ارب 30 ڪروڙ رهي. ڪمپني موجب ان ۾ تقريبن 2.6 بلين روزانو فيس بڪ جي هڪ ايپ استعمال ڪندا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔