ٽڪ ٽاڪ تي هڪ سئو ڏهه ساله عورت جي گلوڪاري جا چرچا

لنڊن: مشهور لپ سنڪنگ چيني ايپ ٽڪ ٽاڪ تي تازو ئي هڪ 110 ساله پوڙهي عورت جي وڊيو وائرل ٿي رهي آهي جنهن ۾ هن کي ڳائيندي ڏسي سگهجي ٿو.پرڏيهي خبرون ڏيندڙ اداري موجب 110 ساله عورت پنهنجي سالگره جي موقعي تي عالمي جنگ جو مشهور گيت(انس اي لانگ وي ٽوئپريري) ڳايو ۽ ان جي پڙ پوٽي ان جي وڊيو ٺاهي ٽڪ ٽاڪ تي اپ لوڊ ڪري ڇڏي هئي جيڪا راتو رات وائرل ٿي وئي.110 ساله ايمي باڪنز جي گلوڪاري جي وڊيو کي ٽڪ ٽاڪ تي هينئر تائين تقربين هڪ لک ماڻهو ڏسي چڪا آهن. ايمي هاڪنز جي پڙپوٽي جي والده بينا فريمين چيو ته سوشل ميڊيا تي اپ لوڊ ڪيل وڊيو تي ايندڙ رد عمل انسانيت تي اعتماد بحال ڪيو آهي.110 ساله ايمي هاڪنز پهرين خانگي جنگ وقت 7 سالن جي هئي ۽ کيس اڄ به ان دور جا گيت ياد آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔