ميانمار ۾ فوج ملڪ جو ڪنٽرول سنڀالي ورتو،آنگ سان سوچي سوڌو اين ايل ڊي جا ڪيترائي اڳواڻ گرفتار

ڪراچي : ميانمار ۾ فوج ملڪ جو ڪنٽرول سنڀالڻ بعد هڪ سال تائين ايمرجنسي جو اعلان ڪري ڇڏيو، آنگ سان سوچي سوڌو اين ايل ڊي جا ڪيترائي اڳواڻ گرفتارڪيا ويا، ميانمار جي فوج ملڪ جو ڪنٽرول سنڀالڻ بعد چيو آهي ته ڪمانڊر اِن چيف مِن آنگ هِلائِنگ کي ملڪ هلائڻ جا اختيار ڏنا ويا آهن، ميانمار جي ڪيترن ئي شهرن ۾ ٽيليفون ۽ انٽرنيٽ سروس معطل ٿيل آهي. رنگون ۾ فوج سٽي هال جو ڪنٽرول سنڀالي ورتو، آنگ سان سوچي جي پارٽي جي ترجمان جو چوڻ آهي ته فوج ملڪ جي صدر سوڌو ڪيترن ئي اهم اڳواڻن کي گرفتار ڪري ورتو آهي، ميانماري جي ميڊيا جو چوڻ آهي ته سويلين حڪومت ۽ فوج وچ ۾ ڇڪتاڻ جي نتيجي ۾ فوجي بغاوت ڪئي وئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔