اوهان جو وزيراعظم اوهان سان گڏ: عمران خان اڄ کان ٽيليفون تي عوام جا مسئلا ٻڌندو

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان اڄ پهرين فيبروري تي شام جو 4 وڳي عوام سان ٽيليفون تي پاڻ ڳالهيون ڪندو ۽ سندن مسئلا ٻڌندو.

پاڪستان جو عوام عمران خان سان 051-9210809 تي سڌو سنئون ڳالهيون ڪري سگهندو، مذڪوره نمبر پهرين فيبروري سومر جي شام 4 وڳي عوام لاءِ کوليو ويندو. 

اطلاعات واري وفاقي وزير شبلي فراز وڊيو ٽوئٽر تي شيئر ڪئي آهي جنهن ۾ شروعاتي ڄاڻ ڏني وئي آهي. پاڪستان جي تاريخ ۾ ائين پهريون ڀيرو هوندو جو وزيراعظم عوام سان ٽيليفون تي ڳالهيون ٻڌندو.

ياد رهي ته وزيراعطم ان کان اڳ عوام کي خطاب ڪندا هئا. عمران خان ملڪ کي پيش ايندڙ مسئلن ۽ ان جي حل لاءِ ڪيل ڪوششن بابت پنهنجي خطاب ۾ عوام کي آگاهه ڪندو هو پر هن ڀيري وزيراعظم عوام جون ٽيليفون ڪالز رسيو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي جنهن ۾ هو ماڻهن جا مسئلا ٻڌندو ۽ موجوده ملڪي سياسي ۽ معاشي صورتحال بابت آگاهي فراهم ڪندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔